مولانا عبدالحئي گهوٽو

مولانا عبدالحئي گهوٽو

عبدالحئي گهوٽو مولانا

عبدالحئي گهوٽو، مولانا: شيخ الحديث مولانا عبدالحئي الحسيني، ولد مولانا حافظ محمد يونس گهوٽو، 14 جمادي الثاني 1351هه / 15 آڪٽوبر 1932ع ڳوٺ جهنگل گهوٽي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. مولانا صاحب 1953ع ۾ فخر المدارس مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ استاد العلماء مولانا عبدالرزاق ججويءَ وٽ 1957ع ۾ ضلعي رحيم يار خان ۾ دوره حديث پڙهيو. هن 1953ع جي تحريڪ ختم نبوت ۾ حصو وٺڻ جي ڪري ڪجهه عرصو سينٽرل جيل سکر ۾ قيد به ڪاٽيو. مولانا 1954ع ۾ دارالعلوم ديوبند ۾ شيخ الحديث شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدنيءَ (متوفي 1957ع) وٽ دوره حديث جي تعليم ورتي ۽ دارالعلوم ديوبند جي سالياني امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران مشهور تبليغي بزرگ هفت زبان مبلغ مولانا محمد عمر پالنپوريءَ جي دوره حديث جو ساٿي رهيو. مولانا مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي، مدرسه دارالرشاد پير جهنڊو شريف ۽ جامعه دارالهديٰ ٺيڙهي کان علاوه سنڌ جي مرڪزي مدرسن ۾ 40 سالن تائين بخاري شريف جو درس ڏنو. سندس شاگردن جو تعداد هزارن تائين آهي، جيڪي پاڪستان کان علاوه ايران، افعانستان، برما، بنگلاديش ۽ سعودي عرب تائين پکڙيل آهن. مولانا جا شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني، امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارو ڪراچي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙن روشن خيال مدبرن سان دوستانا تعلقات هئا. مولانا صاحب هميشه حضور صلي الله عليه وسلم جن جي محبت ۾ مخمور رهندو هو. سندس شايع ٿيل ڪتاب ‘الحق ترڪ رفع اليدين’ فضائل صديق اڪبر رضه، ابن امعبد قابل ذڪر آهي. هن 1978ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪئي. 1986ع ۽ 1989ع ۾ مسجد نبوي ۾ اعتڪاف جو شرف حاصل ڪيائين. 1980ع ۾ دارالعلوم ديوبند انڊيا جي صد ساله اجتماع ۾ شرڪت ڪيائين. 31 ڊسمبر 1993ع جمعي جي ڏينهن تبليغ جي سفر دوران راڻيپور ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هن وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه پنهنجي والد محترم جي قدمن ۾ حسين ٻيلي، گهوٽڪيءَ جي قديم قبرستان ۾ واقع آهي. مولانا جي حالات زندگيءَ تي سندس فرزند مولانا خالد الحسينيءَ هڪ ڪتاب ‘سنڌ جو درويش عالم’ پڻ لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.10.15  عيسوي

مولانا عبدالحئي الحسيني، ولد مولانا حافظ محمد يونس گهوٽو، 14 جمادي الثاني 1351هه / 15 آڪٽوبر 1932ع ڳوٺ جهنگل گهوٽي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.


1993.12.31  عيسوي

31 ڊسمبر 1993ع جمعي جي ڏينهن تبليغ جي سفر دوران راڻيپور ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هن وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه پنهنجي والد محترم جي قدمن ۾ حسين ٻيلي، گهوٽڪيءَ جي قديم قبرستان ۾ واقع آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالفضل بيهقي
رضوي سيد قطب شاهه
پير شاهه مراد
ساڌو هيرانند
رحمت الله سيد
عطيه دائود
سيد عبداللطيف بخاري
ٽلومل آڏواڻي
بچل شاهه مياڻي وارو
پوپ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون